ڀتر ٻوٽي

ڀتر ٻوٽي

ڀتر ٻوٽي

ڀتر ٻوٽي(Dandelion):هي هڪ قسم جي ٻوٽي آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Dandelion، لاطينيءَ ۾ Taraxacum Officinalis، اردوءَ ۾ جهنگلي گوبي ۽ هندي ۾ ’ڀتل‘ چئبو آهي. هن جو تعلق Compositae آڪهه سان آهي. ڀتر ٻوٽي سنڌ ۾ عام جام ٿئي ٿي. ٻنين ٻارن، واٽرن کان وٺي گندين نالين جي پاسي ۾ به ڀتر ڏٺي وڃي ٿي. هن جا پن ساوا ٻه انچ کن ڊگھا ٿيندا آهن ۽ گل هيڊو، هن جي پن کي ٽوڙڻ سان هيڊو کير نڪري ٿو جيڪو ذائقي ۾ ڪڙو هوندو آهي. هيءَ جڙي ٻوٽي ٽن قسمن جي ٿئي ٿي. سياري ۾ هن مان ڏانڊي نڪري ٿي. هن جا پن ۽ گل حڪمت ۾ ڪارائتا آهن.


لفظ ڀتر ٻوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو